پي آءِ اي جي شيڊول ۾ بهتري، اڄ رڳو 2 اڏامون منسوخ

پي آءِ اي جي شيڊول ۾ بهتري، اڄ رڳو 2 اڏامون منسوخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي ايئر لائن پي آءِ اي جو شيڊول وڌيڪ بهتر ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ اڄ اسلام آباد کان سکر جون رڳو 2 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.پي آءِ اي جي ڪيترين ئي اندروني ۽ بين الاقوامي پروازن ۾ دير ٿي رهي آهي.اسلام آباد کان سکر ويندڙ اپ ۽ ڊائون فلائيٽ پي ڪي 631 ۽ پي ڪي 632 کي منسوخ ڪيو ويو آهي.ڪراچي کان تربت جي اڏام پي ڪي 501 هڪ ڪلاڪ 26 منٽ دير سان رواني ٿي، ڪراچي کان دبئي ويندڙ اڏام پي ڪي 213 هڪ ڪلاڪ 42 منٽ دير سان رواني ٿي، دمام کان ايندڙ اڏام پي ڪي 242 31 منٽ دير سان ڪراچي پهتي.ملتان کان مديني جي اڏام پي ڪي 715 جي روانگي ۾ 1 ڪلاڪ 10 منٽ دير ٿيندي، ملتان کان جده جي اڏام پي ڪي 739 جي روانگي ۾ 3 ڪلاڪ دير جو امڪان آهي.لاهور کان جده جي اڏام پي ڪي 859 ۾ 3 ڪلاڪ دير ٿي رهي آهي، لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ اڏام پي ڪي 321 به هڪ ڪلاڪ دير سان رواني ٿي رهي آهي، دوحه کان ايندڙ اڏام پي ڪي 288 هڪ ڪلاڪ جي دير سان لاهور پهتي.پشاور کان دبئي ويندڙ پي ڪي 283 اڍائي ڪلاڪ دير جو امڪان آهي، جڏهن ته پشاور کان ابوظهبي ويندڙ پي ڪي 217 6 ڪلاڪ 45 منٽ دير جو شڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو