پي آءِ اي جو شيڊول 8 ڏينهن کانپوءِ بحال، 23 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي ايئر لائن پي آءِ اي جو شيڊول وڌيڪ بهتر ٿي ويو آهي، 8 ڏينهن کانپوءِ ڪراچي ڪوئيٽا جو شيڊول بحال ڪيو ويو آهي.فلائيٽ PK 310 صبح 10 بدران 2 وڳي رواني ٿيندي.ايئر لائن ذريعن موجب مجموعي طور تي 23 ملڪي ۽ بين الاقوامي پروازون منسوخ ڪيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ 14 ڏينهن ۾ منسوخ ٿيل اڏامن جو انگ 701 ٿي ويو آهي.فلائيٽ شيڊول موجب ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ پي ڪي 368، 369، 370، پي ڪي 536، 537 ڪراچي کان سکر سکر، پي ڪي 501 ۽ 502 ڪراچي کان تربت ۽ پي ڪي 340 ڪراچي کان تربت ۽ پي ڪي 340 ڪراچي کان فيصل آباد ۽ 341 اڏامندي،منسوخ ٿيل اڏامن ۾ پي ڪي 165، 166 فيصل آباد کان مسقط، پي ڪي 229 لاهور کان مسقط، پي ڪي 185، 186، 294 لاهور کان شارجه، پي ڪي 179، 180 سيالڪوٽ کان دبئي شامل آهن.اسلام آباد کان دبئي ويندڙ پي ڪي 233، 212، ڪوئيٽا کان 325، 326، شارجه کان 181 ۽ پشاور کان ابوظهبي ويندڙ پي ڪي 217 کي به منسوخ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو