اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾ پي اي سي اي ايڪٽ ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن تي پي ٽي آءِ سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، جڏهن ته صحافي به پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. پي اي سي اي ايڪٽ ترميمي بل ۽ ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل جي منظوري لاءِ سوالن جي وقت جي ڪارروائي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي،سينيٽر شيري رحمان سوالن جي وقت کي معطل ڪرڻ جي تحريڪ پيش ڪئي،بعد ۾ پي اي سي اي ايڪٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو.جيئن ئي بل پيش ڪيو ويو، صحافي احتجاج طور سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.سينيٽ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڏنو ۽ ايوان ۾ نعريبازي ڪئي.پي ٽي آءِ ميمبر پنهنجين سيٽن تان اٿيا ۽ احتجاج طور پنهنجون ڊيسڪون ڌڪيون، جڏهن ته ساڳئي وقت نعرا لڳايا ته (گولي ۽ لٺن جي حڪومت نه هلندي),بعد ۾، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ صحافين جي واڪ آئوٽ ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاج کان پوءِ پي اي سي اي ايڪٽ ترميمي بل کي لاڳاپيل سينيٽ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ اجلاس سومر ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو،ان دوران پي ٽي آءِ جا ميمبر واڪ آئوٽ دوران صحافين جي حمايت لاءِ پريس گيلري ۾ پهچي ويا. مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز ٻين ميمبرن سان گڏ پريس گيلري ۾ آيا، انهن سان گڏ سينيٽر عون عباس، سينيٽر همايون خان مهمند، سينيٽر ذيشان خانزاده، سينيٽر سيف الله نيازي، سينيٽر فوزيه ارشد ۽ سينيٽر فلڪ ناز چترالي پڻ موجود هيون.










