پيپ جي گرانٽ 10 مان وڌائي 20  لک رپيا ڪري ڇڏي: شرجيل  ميمڻ

پيپ جي گرانٽ 10 مان وڌائي 20 لک رپيا ڪري ڇڏي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان ايسوسيئيشن آف پريس فوٽوگرافرز پاران نئي چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو.حلف برداري جي تقريب ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿي. جنھن ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر جي ايم جمالي، صدر ڪراچي پريس ڪلب فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب رضوان ڀٽي ۽ ٻين سينئر صحافين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو پاڪستان ايسوسيئيشن آف پريس فوٽوگرافرز جي نون عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. فوٽو گرافرن ۽ ڪيمرا مين جو ڪم انتهائي ڏکيو آهي، اهي شيلنگ، واٽر ڪينن ۽ بم ڌماڪن جي واقعن ۾ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا آهن.ڪئميرامين ۽ فوٽوگرافرن جھڙي محنت جو مثال ڪنهن به شعبي ۾ نٿي ملي. پر کين ميڊيا هائوسز پاران ملندڙ اجرت ۽ مراعتون نا ڪافي آهن. صوبائي وزير چيو ته هو ميڊيا هائوسز کي اپيل ڪري ٿو ته ميڊيا ورڪرن کي مناسب پگهارون ۽ مراعتون ڏين تہ جيئن اھي گذر سفر ڪري سگھن . شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پيپ جي گرانٽ 10 لک مان وڌائي 20 رپيا ڪري ڇڏي آهي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت صحافين لاءِ نئين پاليسي تي ڪم ڪري رھي آھي ، جنھن تحت سمورن صحافين کي لائف انشورنس ۽ هيلٿ انشورنس ڏني ويندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه صحافين جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي، اظهار راءِ جي آزادي هميشه پيپلز پارٽي جي ترجيحن ۾ شامل رھي آهي. صحافين جي ڀلائي لاءِ جيتريون به اسڪيمون آيون آھن ، پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ڏنيون آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري ميڊيا لاءِ فڪرمند آهن ۽ سندن ويزن آھي ته صحافين جي ڀلائي کي اوليت ۾ رکيو وڃي . ھن چيو ته شهيد محترما بينظير ڀٽو به پنهنجي دور حڪومت ۾ ميڊيا جي بهتري لاءِ پاليسيون ڏنيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحافين لاءِ ڪم ڪرڻ سان کيس اطمينان ۽ دلي سڪون حاصل ٿيندو آهي. هن چيو ته سنڌ جي اطلاعات کاتي صحافين جي ڏکئي وقت ۾ هر ممڪن مدد ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو