پي پي پاران چونڊن ۾ ڪنهن سان به اتحاد نه ڪرڻ جو اعلان

ٺٽو (ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي(ن) ليگ سميت ڪنهن به پارٽي سان چونڊ اتحاد نه ڪندي.ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي پليٽ فارم تي عام چونڊون وڙهندي. آئين جي هوندي ملڪ ۾ صدارتي نظام نٿو آڻي سگهجي. جيڪڏهن آئين کي ٽوڙڻ جي همت آهي ته پوءِ صدارتي نظام آڻي ڏيکاريو. هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جا مخالف اتحاد بڻجندا رهيا آهن. پ پ سنڌ جي صدر وڌيڪ چيو ته مخالفن جو اتحاد ئي چونڊن کان اڳ شڪست جو اعتراف آهي. نگران حڪومت 2 سال حڪومت ڪرڻ جو سوچي به نه. ٻئي صورت ۾ عوام جو سخت رد عمل سامهون ايندو. نگران حڪومت ڊگهي وقت تائين حڪومت نٿي ڪري سگهي اهو عمل غير آئيني هوندو. نثار کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي احتساب جي خلاف نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪيس آهي ته اهو عدالت ۾ ثابت ڪيو وڃي. ڪارڪن عام چونڊن جي تياري ڪن، آئيني طور تي چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرايون وڃن. تڪ بندين ۾ جڏهن سيٽون نه پيون وڌن ته پوءِ تڪ بندين ۾ ايترو وقت ڇو پيو ضايع ڪيو وڃي.پ پ سنڌ جي صدر وڌيڪ چيو ته آئيني مدي ۾ چونڊون ڪرايون وڃن جنهن کان پوءِ عوام جي چونڊيل حڪومت وجود ۾ اچي. ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي روزگار جي خلاف آهن. ماڻهن جي روزگار تي لت هڻڻ عوام دشمني آهي. نگران حڪومت به مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. عمران خان حڪومت جي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي سبب ملڪ جي معيشت تي بار پيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو