پيپلز پارٽيءَ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي سندن روايت رهي آهي:مرتضيٰ

پيپلز پارٽيءَ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي سندن روايت رهي آهي:مرتضيٰ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قانون واري صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي وومين ونگ جي صدر ۽ گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ داخل درخواست تي بريت واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي سندن روايت رهي آهي. تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي نااهلي واري درخواست رد ٿيڻ پيپلز پارٽي جي قانوني فتح آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي هڪ وفاق يونٽ آهي ۽ ادارن جي تقدس تي يقين رکي ٿي. اسان هميشه قانون ۽ آئين جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ آئين جي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران فريال ٽالپر جي بريت جو فيصلو پيپلز پارٽي جي اخلاقي فتح آهي. پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي بنيادي تربيت ۾ قانون ۽ ادارن جو احترام ڪرڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو