پيٽرول هڪ روپيو ۽ ڊيزل 27 پيسا في لٽر مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تيل جي عالمي منڊي ۾ قيمت گهٽ ٿين باوجود حڪومت پيٽرول جي قيمت م هڪ روپيو ۽ ڊيزل جي قيمت 27 پيسا في لٽر اضافو ڪري ڇڏيو آهي. وڌايل قيمتن بعد پيٽرول جي نئي قيمت 114 روپيا 24 پيسا في لٽر ۽ ڊيزل جي قيمت 127 روپيا 41 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 روپيا 39 پيسا گهٽ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 97 روپيا 98 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. لائٽ ڊيزل جي قيمت 6 روپيا 56 پيسا گهٽ ڪرن بعد نئين قيمت 85 روپيا 33 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون رات ٻارهين کان لاڳو ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو