پيش امام جو پلاٽ تي ٿيل قبضي ۽ موتمار ڌمڪين خلاف احتجاج

پيش امام جو پلاٽ تي ٿيل قبضي ۽ موتمار ڌمڪين خلاف احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ مسجد جي پيش امام طرفان سندس ذاتي سروي پلاٽ تي ٿيل مبينا قبضي ۽ ملندڙ موتمار ڌمڪين خلاف احتجاج، پريس ڪانفرنس، ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي کان قبضو خالي ڪرائي جاني مالي تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو، دڙو ۾ حضرت عبدﷲ شاھ اصحابي رح جي درگاھ ڀرسان رھندڙ مسجد جي غريب پيش امام گل حسن ميمڻ ۽ ٻين ٺٽو ۾ موجود پنھنجي سروي پلاٽ تي ٿيل مبينا قبضي خلاف سخت احتجاج ڪيو، ان کان اڳ پريس ڪلب دڙو ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي پيش امام گل حسن ميمڻ، مير حسن، محمد حسن ميمڻ ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو تہ اصحافي ڪالوني ٺٽو ۾ سندس سروي پلاٽ نمبر 56 تي تر جي بااثر ماڻھن خليل احمد ولد امير بخش ميمڻ ھٿيارن جي زور تي زبردستي قبضو ڪري ماڻھو ويھاري ڇڏيا آھن، ھنن چيو تہ ڄاڻايل پلاٽ جي ڀر ۾ منھنجو گھر آھي، بااثر شخص مين گذرندڙ گھٽي کي بند ڪري منھنجي پلاٽ وٽان سندس گھر جو دروازو ڪڍي ڇڏيو آھي، جنھن تان ڪڇڻ تي خليل ميمڻ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، جنھن جي شڪايت مون ڪافي چڱن مڙسن کي ڏني پر ڪنھن کي بہ مڃڻ کاء تيار ناھي، ھنن چيو تہ قبضاگير خليل ميمڻ ھڪ طرف ڌمڪيون پيو ڏي تہ ٻئي طرف درويشي وارا ڍونگ رچائي ماڻھن کي بيوقوف بنائي رھيو آھي، ھنن ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ٺٽو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي، تہ قبضا خور خليل ميمڻ خلاف سخت ڪارروائي ڪري مون غريب جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪري جاني مالي تحفظ ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو