پيار جو پرڻو ڪندڙ گهوٽڪي واسي جوڙي جي تحفظ لاءِ اپيل

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) رابعه ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته زندگي کي خطرو آهي مون پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق نوجوان عرفان علي پٺاڻ ولد محمد علي پٺاڻ سان نڪاح ڪيو آهي. هن چيو ته  منهنجي مرضي بنا مائٽن لالچ ۾ اچي ڪنهن ٻي هنڌ پرڻائڻ ٿي چاهيو ان لاءِ مون سميت منهنجي مڙس عرفان علي جي زندگي خطري ۾ آهي جنهن سبب ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. پرڻو ڪندڙ جوڙو عرفان علي پٺاڻ ۽ 18 ساله مسمات رابعه ڀٽو رهندڙ ڳوٺ ڊنگ ملوڪ واري ضلع گهوٽڪي جا آهن. مسمات رابعه ڀٽو صحافين کي وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته آئون نه اغوا ٿي آهيان نه مونکي ڪنهن زور زبردستي ڀڄايو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ناحق روڪ بند ۾ آهيان جيتوڻيڪ آئون هر طرح آزاد آهيان ۽ پنهنجي مڙس عرفان علي پٺاڻ سان خوش آهيان انهي لاء آئون چيف جسٽس آف پاڪستان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سنڌ ايس ايس پي ضلع گهوٽڪي کان مطالبي جي گهر ڪريان ٿي ته مون کي منهنجي مڙس عرفان علي پٺاڻ سميت قانوني تحفظ فراهم ڪري زندگي بچائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو