پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي جو احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو

پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي جو احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو

شهدادڪوٽ( ن سنڌيار) شھدادڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جو ٻئي ڏينھن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو ، شھدادڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ( ايس يو پي ) جي سڏ تي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف رميز تونيو، الھداد خشڪ، بچل باغي، سڪندر خشڪ، آصف لاشاري، فياض مير جت، واجد خشڪ، زوھيب تونيو، زين سنڌي، عامر علي، امام الدين، فريد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته شھر جي سڀني پاڙن ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو پر افسوس جو پبلڪ ھيلٿ کاتي جو سب انجئنير غلام مصطفي ڪمبوه ۽ آپريٽر دوست محمد شيخ جي ڪن تي جُوَ نه ٿي چُري هنن چيو ته هنن شھر سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ رکي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري پاڻي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، هنن وس وارن ۽ نيب کان مطالبو ڪيو ته واٽر سپلا ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي هنن خلاف سخت ڪاروائي ڪري شھرين کي فورن پيئڻ جو پاڻي پھچائي شهرين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، هنن پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪندي سڀاڻي شھر جي مين چوڪ تي بک ھڙتال ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو