پيءُ جي غفلت سبب نوجوان پٽ بجلي جي ڪرنٽ مان فوت

ميرپورماٿيلو(ظهير وسير) سومرا ڪالوني وٽ ٽرڪ ڊرائيور محمد عارف گولو  ٽرڪ ريورس ڪري رھيو ھو ته ٽرڪ بجلي جي 11 ھزار وولٽيج تارن سان ٽڪرائجي وئي ٽرڪ مٿان بيٺل سندس نوجواب پٽ ٽرڪ ڪلينر جھٽ پٽ جو رھواسي نوجوان عارف گولو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪري پيو ۽ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جنھن کي پوليس ٽرڪ ۾ ئي وجھي سول اسپتال ميرپورماٿيلو کڻائي وئي جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش سندس پيءَ حوالي ڪيو. ميرپورماٿيلو پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور جي غفلت سبب حاثو پيش آيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو