پوليو نسلن لاءِ خطرو بڻيل،اپيل ٿي ڪريان ٻارن کي ڦڙا پياريو: آصفه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ديءَ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليو ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان جي ايندڙ نسلن لاءِ خطرو بڻجيويل آهي، هن خطرناڪ بيماري جي خلاف جنگ ڪافي عرصي کان جاري آهي ۽ سڀني کي گڏجي پنهنجي ٻارن کي باقائدا ويڪسينيشن جي ذريعي هن بيماري کان بچائڻو آهي. پوليو جي خلاف عالمي ڏينهن جي موموقعي تي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پوليو فري پاڪستان لاءِ اسان سڀني کي ڪم ڪرڻ گهرجي پاڪستان ۾ 2023 ۾ 53 مثبت ماحولياتي نمونن ۽ پوليو جي 4 ڪيسسز رپورٽ ٿيا. جن مان 3 جو تعلق ڪي پي ڪي ۽ هڪ جو سنڌ سان آهي. اسان جي لاءِ اهيو تمام اهم آهي ته 5 سال کان گهٽ عمر جو هر ٻار پوليو جا ڦڙا پيارين ۽ هن ڳال کي يقيني بڻائن ته اهيا بيماري اسان جي ملڪ ۾ پکڙجڻ کان روڪي جنهن سان اسان جي ٻارن جو مستقبل خطري ۾ پئجي وڃي.هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ حڪومت پوليو جي خاطمي کاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪئي ۽ ان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ 3 سال کان پوليو جو ڪوبه ڪيس رپورٽ نه ٿيو. هن چيو ته اسان کي پوليو جي خاطمي کي يقيني بڻائيڻو پوندو. حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پوليو وائرس جي پکڙجڻ کي روکڻ لاءِ جدو جهد ڪري رهي آهي، بيڪ ٽو بيڪ پوليو مهم هن ڳال کي يقيني بڻائي ٿي ته اسان جا ٻار محفوظ آهن ۽ پوليو کان پاڪ آهن. آصفه ڀٽو چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ڀر جي ڪميونٽيز جن پوليو لاءِ وڌيڪ خطرو قرار ڏنو ويو آهي، ان لاءِ حڪومت کي خدمتن جي فراهمي کي تيز ڪرڻڻ ۽ پاڻي ۽ صفائي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڳال کي ذهن ۾ رکندي پي پي پي تحت سنڌ حڪومت صوبي ۽ ملڪ مان پوليو جي خاطمي ۾ مدد لاءِ وڌيڪ قدمن سان گڏ ڪميونٽيز کي واٽر فلٽريشن پلانٽس، تجرباتي ڊسپينسريون، ماڊل اي پي آءِ سينٽرز، ماءُ ۽ ٻار جون سهولتون فراهم ڪيون. هن چيو ته اسان جا پوليو ورڪرز هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته 5 سال کان گهٽ عمر جي هر ٻار تائين پهچون ۽ ان کي پوليو ويڪسين جا ٻه ڦڙا پياريون. هن ڳال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته پاڪستان جي ٻارن جو روشن ، پوليو کان پاڪ مستقبل هجي آئون پاڪستان ۽ دنيا کان هن ڪمزور ڪندڙي بيماري کي ختم ڪرڻ ۾ انهن جي ڪوششن لاءِ هميشه شڪر گذار آهيا. هن وڌيڪ چيو ته هن ڪوشش کي جاري رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي ٻارن ۾ حفاظتي ٽڪا لڳائڻ جي ضرورت آهي اسان جي ٻارن کي ڪمزور ڪندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ ويڪسينيشن انتهائي اهم ۽ ضروري آهي. هن چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ بيماري آهي جنهن جو ڪوبه اعلاج نه آهي، هي فالج ۽ سڃي عمر جي مڪمل طور تي پوليو جا ڦڙا پياريا وڄن ۽ جڏهن به ٽيمون اسان جي دروازي تي دستڪ ڏين ته انهن کي پوليو ويڪسين جاٻه ڦڙا پياريا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو