ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي صدارت هيٺ جاري پوليو جي خاتمي جي حوالي سان مهم جي لاڳاپيل ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪمپليڪس ايم اي جناح روڊ ڏکڻ ڪراچي جي ڪانفرنس روم ۾ هڪ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ لاڳاپيل آفيسرن ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ کي پوليو مهم جي دوران مختلف سب ڊويزنن ۾ پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ پوليو مهم جي دوران پيش ايندڙ سمورن مسئلن کي واضح رپورٽس فوري شيئر ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ڊي سي ڏکڻ وڌيڪ چيو ته پوليو ٽيمون ۽ مانيٽرنگ آفيسرن کي گهر گهر تائين رسائي پهچائڻ تي يقيني بڻايو وڃي ۽ مهم کي 100 سيڪڙو ڪامياب بڻائڻ لاءِ پوليو ٽيمن سان هر ممڪن سهڪار ڪيو وڃي ۽ امڪاني ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان سان گڏ مهم جي آخري ڏينهن تائين صبح جي وقتن ۾ مسجدن جي ذريعي اعلانن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ صبح جو نائين وڳي سمورن پوليو ٽيمن کي فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. لياري ۾ مقرر ڪيل ٽي ايس سي ۽ رڪيل اي ايف پي ڪيسن کي مڪمل ڪري ويڪسين ڪرڻ ۽ لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٽيمن کي بيڪ اپ سپورٽ، اسٽوريج، هينڊلنگ، ٽرانپسورٽيشن سميت ويڪسينيشن جا مناسب انتظامن کي يقيني بڻائڻ سان گڏو گڏ PMC’s ۽ انڪاري ڪندڙ ڪيسن تي زور ڏيندي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٽيمن کي مهم جي بقايا ڏينهن ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ جي پڻ هدايتون ڏنيون. اجلاس ۾ ڪراچي ڏکڻ جي مختلف سب ڊويزنن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن سميت هيلٿ آفيسرن، پوليو مهم انچارجز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت پڻ ڪئي.
