پوليس ڳوٺ تي چڙهائي دوران جوابدار بجاءِ ڪڪڙيون کڻي وئي

لکي غلام شاھ (نثار منگي) ڳوٺ گڻگائي مهر فقير تي ڊي ايس پي عبدالمجيد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ پنجن ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ کي چوطرف ڪڙو چاڙهي زخمي ٿيل عاشق هڪڙو جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا. پوليس جي بلا جواز چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن سهڻو فقير مهر، راڻو فقير مهر، شھزادو فقير، سونارو فقير،  شمن فقير، شھمير فقير، اشرف فقير ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پوليس گهرن ۾ اندر داخل ٿي ڀڄ ڊاھ ڪري سونا زيور روڪ رقم ڦرلٽ ڪرڻ بعد گهرن مان اناج ۽ ڪڪڙيون به اهلڪار کڻي ويا آهن ڪارروائي دوران پوليس اهلڪارن جوابدار ته نه پڪڙي سگهيا پر کٽون ڀڃي ۽ نلڪا پٽي اڇلايا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس چڪ جي وڏيري نويد مهر، وڏيري جميل مهر جي بڇ تي اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري چوديواري جو تقدس پئمال ڪيو آھي اسان کي سياسي طور تي نشانو بڻائي رهيا آھن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو