ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ٽيپو سلطان پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر راجا اظهر کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته راجا اظهر تي 9 مئي تي شارع فيصل تي فساد مچائڻ جو الزام آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته راجا اظهر کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.راجا اظهر تي فسادن، رينجرز پوسٽ کي باهه ڏيڻ، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا به الزام آهن.پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته راجا اظهر خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
