پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

بوزدار وڏا (حسين ٽانوري) ڳوٺ علي آباد جي رهواسي شيخ برادري جي ماڻهن جو بوزدار وڏا ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪارن جي ڏاڍاين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي معصوم ٻارڙن سميت مسمات سومري شيخ، نصيبان خاتون، علي ڏنو شيخ، نظر محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان غريب مسڪين مزدور ماڻهو آهيون گذريل ڏينهن بوزداروڏا ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪارن باقر شر، اعجاز رند ۽ نور محمد شر منهنجي بيگناھ پٽ بخت علي شيخ کي بيگناھ گرفتار ڪري پئسا نه ڏيڻ تان 1100 سئو گرام ڀنگ جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي گهرن ۾ کائڻ لاءِ اٽو به ناهي اسان غريب مزدور ماڻهو آهيون پنھجي پٽ جي ضمانت لاءِ 20 هزار وياج تي وٺي ضمانت ڪرائي آهي جيڪو سراسر اسان غريبن سان ظلم آهي. هنن چيو ته بوزداروڏا ٿاڻي تي مقرر مذڪوره پوليس اهلڪارن غريب ۽ شريف ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته راشي پوليس اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو