پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ڳوٺ واحد بخش خان بجاراڻي تي ايس ايڇ او جمال  نبي بخش جکراڻي ۽ وڏي منشي بشير احمد  بجاراڻي  جي اڳواڻي بنا جواز چڙهائي ڪري گهرن ۾ ڀنڃ ڊاھ ڪرڻ بعد ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن کي بنا جواز گرفتاري ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. گرفتارٿيندڙن ۾ شهناز خاتون، مسمات عظيمان، غلام شبير۽ علي محمد ٽانوري شامل. ٻئي طرف ستايل ڳوٺاڻن مسمات منظوران، امام دين، مير حسن ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. متاثر ڳوٺاڻن روزاني سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته بنا ڪنهن سبب جي جمال پوليس اسان جي گهرن ۾ گهڙي عورتن تي تشدد ڪري اسان جي تذليل ڪئي آهي اسان جي ماڻهن مٿان اگر ڪو به ڪيس آهي ته ظاهر ڪيو وڃي انهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ سيد اسد رضا شاھ کان مطالبو ڪندي اهيا گهر ڪئي ته جمال ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي خلاف ڪاروائي ڪري  کنڀي گم ڪيل اسان جي ماڻهن ۽ عورتن کي ظاهر ڪري صاف شفاف جانچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو