مدئجي(نويد احمد دل) ايس ايڇ او ڳاھيجا زاھد سومرو جي اڳواڻي ۾ ٽي موبائلون ساڻ ڪري ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙھائي ڪري جوڻيجا برادري جي گھرن ۾ گھڙي ڍور ڪاھي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳاھيجا ٻڌايو ته جوڻيجا برادري ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي صبح سوير ھڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي ھئائون. جنھن تي ڳوٺ تي چڙھائي ڪئي جنھن ۾ ڪجھ روپوشن جو اطلاع ھيو روپوش فرار ٿي ويا کين پناهه ڏيندڙن جا ڍور ڍڪ حوالي ڪيا آھن.










