پوليس جو ڪار تي ڇاپو، 3 ڪٽا نشي آور سوپاريون هٿ

قاضي احمد (جاويد جتوئي) پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ تي خدا ڏنو اوٺو جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪندي بلوچستان کان نوابشاھ ڏانهن ويندڙ اڇي ڪلر جي مهراڻ ڪار نمبر AWP916 قاضي احمد باءِ پاس وٽ روڪي چيڪنگ دوران نشي وارين سوپارين زيڊ 21 جا 118 پاڪيٽ ھٿ ڪري بلوچستان واسي نصير الله مينگل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او شهاب الدين ڪولاچي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع ملڻ بعد ڪارروائي ڪنڊي 3 ڪٽا پابندي پيل نشي وارين سوپاريون هٿ ڪيون آھن. هن دعويٰ ڪئي ته سموري شھر اندر اهڙي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي آھي ڀلي ڪير ڪيترو بااثر ڇو نه هجي ان خلاف قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو