چيلهار(ساجد نهڙيو) سي آئي اي پوليس ۽ چيلهار پوليس جون ٻه الڳ الڳ ڪاروايون منشيات فروش عليم شاهاڻي ٻن پٽن سميت گرفتار، 6 سو ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعوا ،جڏهن ته سي آئي اي ٿرپارڪر پوليس چيلهار ويجهو ڳوٺ ميهياري شاهاڻي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي ٻه سو 75ليٽر ڪچي شراب سميٿ منشيات فروش پريل ولد عليم شاهاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
هوڏانهن ساڳي گهر تي چيلهار پوليس ڇاپو هڻي 325ليٽر ڪچي شراب سميت ٻن منشيات فروشن عليم ولد صوبدار ۽ سندس پٽ نواز علي ولد عليم کي گرفتار ڪري ورتو آهي ياد رهي ته گرفتار منشيات فروشن ۾ ٻه پٽ ۽ هڪ پي شامل آهن جن تي منشيات ايڪٽ موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










