پوليس جا امن امان صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت اپاءَ

سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس امن امان صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ روهڙي جي ريلوي اسٽيشن، چوراهن، گيسٽ ھائوسن، مسافر خانن سميت عارضي هوٽلن ۾ رهائشي مسافرن جي سامان جي تلاشي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا ويا. پوليس انتظاميا موجب ڪومبنگ آپريشن جو مقصد ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ آھي. پوليس ذريعن موجب آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي تحويل ۾ ورتو ويو، ضروري معلومات ۽ ڪاغذ توڙي شناختي ڪارڊ ظاهر ڪندڙن کي ڇڏيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو