پورهيت موذي مرض ۾ مبتلا، علاج لاءِ سهائتا جي اپيل

جروار (محمد بخش گبول) ڳوٺ صاحب خان لنڊ جي رهواسي نوجوان پورهيت علي اصغر لنڊ هڪ عجيب موضي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آھي هڪ سال کان هو خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿيل آھي هن جي جسم جي کل جا ٽڪرا سڪي وڃي مٽي جهڙي رنگ جا ٿي ڀورا ڀورا ٿي ڪرڻ لڳن ٿا هن وقت هن جي جسم جي کل 70 سيڪڙو لهي ويئي آھي ,جتان کل لهي ويئي آھي اتان گوشت ظاهر ٿي ويو آھي ۽ان گوشت مان هر وقت رت سميل رهندي آھي. کل لهڻ سبب هٿن ۽پيرن جا عضوا پاڻ ۾ گڏجڻ لڳا جنهن سبب هو هٿن سان کائي پئي نه ٿو سگهي ۽گهمڻ کان به لاچار ٿي ويو آھي. پورهيت علي اصغرلنڊ ٻڌايو ته هڪ سال اڳ مون کي اها بيماري لڳي پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندو هيس گرمين سبب منهنجي جسم ۾ ٿورا زخم ٿيا جنهن کان پوءِ اها بيماري وڌندي ويئي ۽ پوري جسم ۾ ڦهلجي ويئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجا ٽي معصوم پٽ آھن گهر ۾ ڪمائڻ وارو ٻيو ڪوبه نه آھي. هن سنڌحڪومت کي اپيل ڪئي ته مون غريب جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي منهنجي زندگي بچائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو