پورهيت جا 3 ٻار موذي مرض ۾ مبتلا، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار

صوڀوديرو (مظهر نعمت منڱڻيجو) سڳيون جي منگي محلا ۾ غريب پورهيت محمد صالح جي گھر جا 3 ڀاتي 5 ورهين جي عمر کان هلڻ ڦرڻ کان لاچار، والدين جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد نعيم سنڌو نوٽيس وٺندي پنهنجي ٽيم سميت سڳيون پهتو ۽ ٽيم ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر خيرپور ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو  پاران  ڪميٽي جوڙي وئي جن ۾ ڊاڪٽر امان الله عباسي، ڊبليو.ايڇ او جو ڊاڪٽر سليم اصغرم ڊاڪٽر سعيد  حسين ابڙو، ڊاڪٽر خالد سهتو پورهيت جي گهر پهتي متاثر ٻارڙن 20 ورهين جي عاشق حسين، 18 ورهين جي عاقل حسين ۽ 16 ورهين جي غلام بتول جن جي چڪاس ۽ ٻارن جو معائنو ڪيو. ڪاميٽي جي ڊاڪٽرن صحافين کي ٻڌايو ته  ٻارڙن کي پوليو نه پر هڏن جي هڪ موروثي بيماري آهي. جنهن بعد ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو  پاران ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ ۽ متاثر ٻارڙن جو علاج ڪرڻ جي هدايت پڻ  ڪئي. ان موقعي تي غريب پورهيت محمد صالح شيخ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته نوجوان اولاد کي هڪ جاءِ تي پيل ڏسي ناهيان سگهندو مون کي شڪ آهي ته منهنجي ٻارڙن کي پوليو آهي پر ڊاڪٽر سچائي نٿاڪن. هن وس وارن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته منهنجي اولاد جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو