پورهيتن کي گرفتار ڪري بيروزگار ڪيو پيو وڃي، مزدور تحريڪ

پورهيتن کي گرفتار ڪري بيروزگار ڪيو پيو وڃي، مزدور تحريڪ

ملير (شهزادو مستوئي) بن قاسم جي ڳتيل آبادي واري علائقي پپري ۾ بن قاسم ٿاڻي جي پوليس طرفان قانوني اڏوتن تان رشوت اوڳاڙي دوران ڪم ڪندڙ پورهيتن کي تشدد ڪري گرفتار ڪري بيروزگار ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن سنڌي مزدور تحريڪ طرفان.پپري جي مک چوڪ کان قومي شاهراھ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن، چونڊيل مڪاني نمائندن، گهر مالڪن ۽ اڏاوتي ڪاريگرن سميت سوين پورهيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جيڪي بن قاسم پوليس خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ  جي اڳواڻ منان شيخ چيو ته هن مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دور م مزدور سخت بدحالي جو شڪار آهن خاص طور پپري ۾  اڏاوتي ڪم ڪري ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيت بن  قاسم پوليس  جي ڪرپٽ ۽ راشي پوليس اهڪارن جي ظلم جو  نشانو بڻجي رهيا آهن هن چيو ته پوليس جي اعليٰ عملدارن جي سخت هدايتن باوجود پوليس جا ڇڙواڳ اهلڪار قانوني طور گهرن ۽ ٻين اڏاوتن پهچي مالڪن کان رشوت  جي گهر ڪن ٿا جنهن تان مالڪ ۽ پوليس ۾ تڪرار وڌي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس پورهيو ڪندڙ مزدورن کي مارڪٽ ڪري گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ٿي  جنهن سبب هڪ طرف انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف بي روزگار ڪيل پورهيتن جي گهرن ۾ سندن ٻچا لنگهڻ ڪٽڻ تي مجبور آهن. هن اعلان ڪيو ته بن قاسم پوليس خلاف نوٽيس وٺي ملوث اهڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي بي صورت ۾ هزارين پورهيت پوليس ڏاڍاين ۽ بيروزگاري خلاف قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻڻڻ تي مجبور ٿي پوندا. ان موقعي تي مزدور اڳواڻ صابر علي اڄڻ، پپري يوسي 19 ڪائونسلر ڪوڙل لانگاھ، يعقوب حمائتي، عبدالعزيز لانگاه، شفيع محمد ٽڳڙ، مختيار لاشاري، نواب سولنگي غلام رسول سولنگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو