پهرين ٽي ٽوئنٽي پاڪستان 4 وڪيٽن تان کٽي ورتي

جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميزبان ڏکڻ آفريڪا کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. رضوان ٻن ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 74 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ميزبان ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنز ٺاهيا. پاڪستان جي اوپننگ ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان ڪئي.

پنجين اوور ۾ 41 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم 14 رنز ٺاهي بائونڊري تي ڪيچ ٿيو. جنهن بعد فخر الزمان آيو جنهن هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 19 بالن تي 27 رنز ٺاهيون ۽ 86 جي مجموعي اسڪور تي تبريز شمسي جي بال تي مَلن هٿان بائونڊري تي ڪيچ ٿي ويو. ملن بال پڪڙي هوا ۾ اڇلي بائونڊري ٽپي ويو پر جلد اندر اچي بال پڪڙيو. محمد حفيظ رضوان جو ساٿ ڏيڻ آيو. رضوان هڪ ڇڪي ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 12هين اوور ۾ 33 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. حفيظ 13 رنز ٺاهي اسٽمپ آئوٽ ٿيو ته پاڪستان کي راند کٽڻ لاءِ 11 رنز في اوور گهربل هيون. حيدر علي بيٽنگ لاءِ آيو جنهن فيلوڪوايو کي ٻه چوڪا هڻي پريشر رليز ڪيو پر فل ٽاس بال تي 14 رنز ٺاهي هو به هينرڪ جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.پاڪستان جا سورهين اوور ۾ 132 تي 5 آئوٽ ٿي چڪا هئا. هينرڪ ٻئي بال تي محمد نواز کي به آئوٽ ڪيو. جنهن بعد فهيم اشرف آيو. هينرڪ جي هيٽرڪ واري چانس جي بال تي فهيم اشرف کيس چوڪو هنيو. آخري 4 اوورز ۾ 52 رنز گهربل هيون. جنهن بعد رضوان ۽ فهيم اشرف جي هٽنگ سبب آخري اوور ۾ 11 رنز گهربل هيون. آخري اوور جي پهرين بال تي فهيم اشرف جو ڪيچ ڊراپ ٿيو ۽ هن ٻه رنز ورتيون پر اڳئين يارڪر بال تي فهيم هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 30 رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو. حسن علي آيو جنهن پهرين بال تي چوڪو لڳايو. اڳئين بال تي حسن علي جو ڪيچ ڊراپ ٿيو ۽ هو ٻه رنز ٺاهي ويو. ٻن بالن تي ٽي رنز گهربل هيون تي حسن علي 2 رنز ٺاهيون ۽ اوور ٿرو تي ٽئين رن ٺاهي ميچ کٽي ورتي هڪ بال باقي هو.

ڏکڻ آفريڪا هن ميچ ۾ ٽن رانديگرن کي ڊيبيو ڪرايو. محمد حفيظ جي ڪيريئر جو ٽي ٽوئنٽي ۾ هي 100 هون ميچ آهي. ڏکڻ آفريڪا جا مک رانديگرن مان ڪجهه زخمي آهن ۽ ڪجهه انڊين ليگ لاءِ ويل آهن.ايڊن مرڪرم ۽ ڪپتان ڪلاسن ڦڦٽيون ٺاهيون. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي اننگ جَينمين مَلن ۽ اَيڊن مَرڪَرم شروع ڪئي ته چوٿين اوور ۾ ملن ٻن چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 16 بالن تي 24 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. 31 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ محمد نواز ايل بي ڊبليو ڪري حاصل ڪئي. پنجين اوور ۾ حسن علي جي بال تي وِهان لُوبَي کي 4 رنز تي شاهين آفريدي هٿان ڪيچ ڪرايو. ٽئين وڪيٽ 98 جي مجموعي اسڪور تي اوپنر ايڊن مرڪرم جي محمد نواز حاصل ڪئي رضوان کيس ڪيچ ڪيو. ڪپتان هينرچ ڪلاسن ففٽي ٺاهي آئوٽ ٿيو حسن علي جي بال تي فخر سندس ڪيچ پڪڙيو. پَائيٽ وَين بِلجَون ٻن ڇڪن جي مدد سان 34 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو شاهين آفريدي جي بال تي ارڙهين اوور ۾ محمد نواز کيس ڪيچ ڪيو. جارج لنڊي ۽ ڦِيلوڪُوايو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 171 جي مجموعي اسڪور تي جارج لنڊي کي حارث رئوف 6 رنز تي ايل بي بليو ڪيو. جنهن بعد سِساندا مَگاَلا بيٽنگ لاءِ آيو. آخري اوور شاهين آفريدي ڪرايو جيڪو مهانگو ثابت ٿيو هن 4 اوورز ۾ 45 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، حسن علي ۽ نواز ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. ڏکڻ آفريڪا 6 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنز اسڪور ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو