پنوعاقل لڳ 17 لک روپين جي ڦر، ڪيس داخل پر ڪابه پيش رفت نه ٿي

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار( پنوعاقل ڀرسان پيرهسڻ لڳ قومي شاهراھ تان موٽرسائيڪل سوار ڦورو ٻن ڄڻن کان 17 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي رپورٽ حد جي ٿاڻي تي داخل  ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي. ڦر بعد متاثرین پولیس کي اطلاع ڪيو تہ سٽي ٿاڻي جي پوليس بائجي ٿاڻي جي حد چئي ۽ بائجي ٿاڻي جي پوليس سٽي ٿاڻي جي حد چئي متاثرین جي رپورٽ درج ڪرڻ کان انڪارڪندي رهي. آخر ڪاربائجي ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي. متاثرین ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان 17 لک رپيا روڪ رقم سان گڏ پنوعاقل واپس اچي رهيا هئاسين تہ هڪ موٽرسائيڪل پٺيان کان اچي اسان سان گڏ هلڻ لڳي جنهن تي ٻہ ڄڻا سوار هئا جن مان پٺيان ويٺل شخص اچانڪ جهپڙ ڏئي اسان جي وچ ۾ ڇاپر ۾ پيل 17 لک رپيا ڦري ورتا ۽ ڦورو موٽر سائيڪل کي تيز رفتاري سان ڀڄائي فرار ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو