لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 39 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي پنجاب ۾ ڊينگي جي مريضن جي تازي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.هلندڙ سال پنجاب جي 36 ضلعن ۾ ڊينگي جا 14 هزار 931 تصديق ٿيل ڪيس سامهون آيا آهن.گذريل ڏينهن لاهور ۾ 27، ملتان ۾ 5 ۽ فيصل آباد ۾ 4 ڊينگي جا مريض سامهون آيا هئا.اهڙي طرح راولپنڊي، ساهيوال، شيخوپوره ۽ منڊي بهاءُ الدين ۾ ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.










