لاهور(ويب ڊيسڪ)سيڪريٽري صحت جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ 203 نون مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي آهي.صوبائي صحت کاتي موجب پنجاب ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 8 هزار 726 ڪيس سامهون آيا آهن.علي جان خان جو چوڻ آهي ته ڪالهه لاهور ۾ 89، گوجرانوالا ۾ 32، راولپنڊي ۾ 30 ۽ ملتان ۾ 25 مريض رپورٽ ٿيا.هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن فيصل آباد ۾ 12، قصور ۾ 4، شيخوپوره ۽ حافظ آباد ۾ 2-2 ڊينگي جا مريض سامهون آيا هئا.ان کان علاوه اٽڪ، خانيوال، چکوال، بهاولپور، ننڪانه صاحب، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ ليه ۾ به ڊينگي جو هڪ هڪ نئون ڪيس سامهون آيو آهي.علي جان خان موجب پنجاب جي اسپتالن ۾ هن وقت ڊينگي جا 169 مريض علاج هيٺ آهن.
