پنجاب ۾ ڪٿي به نوگو ايريا برداشت ناهي، مريم نواز

پنجاب ۾ ڪٿي به نوگو ايريا برداشت ناهي، مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته نوگو ايريا پنجاب ۾ ڪٿي به برداشت نه ڪيو ويندو.مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، آءِ جي پنجاب کي امن امان جي صورتحال ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي.اجلاس ۾ پنجاب جي جيلن ۾ بيگر بيرڪ قائم ڪرڻ جي تجويز تي اتفاق ڪيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته 13 ڪروڙ عوام آڏو جوابدهه آهيون پوليس کي گهرجي ته ڏوهن تي ضابطو آڻي ۽ حقيقتن کان اکيون بند نه ڪري سگهي، صوبي ۾ ڏوهن جي شرح کي هر صورت ۾ هيٺ آڻڻو پوندو، پوليس قربانيون به ڏئي رهي آهي پر ڪاريون رڍون به آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو