پنجاب ۾ ڊينگي جا 97 نوان مريض ڪيس رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 97 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.سيڪريٽري صحت پنجاب علي جان خان موجب هن سال پنجاب جي 36 ضلعن ۾ ڊينگي جا 14 هزار 432 مريض سامهون آيا آهن.علي جان خان جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 6 هزار 602 مريض سامهون آيا آهن.سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته لاهور ۾ 61، راولپنڊي ۾ 2، گوجرانوالا ۾ 11، فيصل آباد ۾ 10، ملتان ۾ 4 ۽ شيخوپوره ۾ 2 نوان ڊينگي جي مريضن جي تصديق ٿي آهي.هن ٻڌايو ته نارووال، اوڪاڙه، مظفر ڳڙهه، بهاولپور، وهاري، لوڌران ۽ خوشاب ۾ هڪ هڪ نئون مريض سامهون آيو آهي.هن اهو به چيو ته هن وقت پنجاب جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 72 مريض علاج هيٺ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو