پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 18 ڪيس ظاهر

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 18 ڪيس سامهون آيا آهن.صحت کاتي موجب پنجاب ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 15 هزار 47 ڪيس سامهون آيا آهن.لاهور ۾ ڊينگي جا 10، گوجرانوالا ۾ 2 ۽ فيصل آباد ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ملتان، شيخوپوره، اوڪاڙه ۽ نارووال ۾ ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو