پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز صوبي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي. پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ 5 جون کان صوبي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو.مريم اورنگزيب چيو ته 22 اپريل تي ڌرتي جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، ”نو پلاسٽڪ“ مهم شروع ڪئي ويندي، پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي پيداوار، ترسيل ۽ استعمال تي مڪمل پابندي به يقيني بڻائي ويندي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڪينسر کان بچڻ لاءِ ماڻهو پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال نه ڪن، عوام کي گذارش آهي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين بدران ڪپڙا ۽ پيپر بيگ استعمال ڪن، پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال نه ڪرڻ واري مهم ۾ دڪاندارن سميت سمورا ماڻهو حڪومت سان گڏ آهن مريم اورنگزيب چيو ته هو گهرن ۾ پلاسٽڪ جون شيون ۽ برتن استعمال نه ڪن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاڳاپيل اختياريون پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي کي يقيني بڻائيندا، شاگردن ۽ تعليمي ادارن ۾ خاص ليڪچر ۽ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيا ويندا. جنهن ۾ انساني صحت کي پلاسٽڪ جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو ويندو، ماحول کي بهتر بڻائڻ اسان سڀني لاءِ زندگي ۽ موت جو معاملو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو