پنجاب ۾ قلم 144 تحت مختلف پابنديون لاڳو

پنجاب ۾ قلم 144 تحت مختلف پابنديون لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب صوبي ۾ قلم 144 تحت مختلف پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.پنجاب جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل حڪم موجب، ڪبوترن جي ڊوڙ، آتشبازي، ڊرون، ليزر لائيٽن جي استعمال ۽ ڪچرو اڇلائڻ تي پابندي هوندي. پابنديون سڄي صوبي ۾ 5 جون کان 20 جون تائين لاڳو ٿينديون.حڪم موجب، هي فيصلو انساني جانين ۽ ملڪيت جي حفاظت لاءِ ڪيو ويو آهي. پکي ڪچري ڏانهن راغب ٿين ٿا، جيڪو جهازن ۽ مسافرن لاءِ خطرو آهي.گهرو کاتي حڪم ۾ چيو آهي ته سڀئي ڊپٽي ڪمشنر هوائي اڏن اندر ۽ چوڌاري صفائي لاءِ خاص انتظام يقيني بڻائين.گهرو کاتي موجب، پابندي سڄي پنجاب ۾ هوائي اڏن ۽ هوائي اڏن جي چوڌاري 15 ڪلوميٽرن تائين لاڳو ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو