پنجاب ۾ فيلڊ اسپتالن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب ۾ فيلڊ اسپتالن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ڏينهن ۾ 1000 کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ويو.هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته 85 مريضن ٽيسٽنگ ليبارٽري مان ٽيسٽنگ جي سهولت استعمال ڪئي، 72 مريضن جا الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري ٽيسٽ پڻ ڪرايا ويا.عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته فيلڊ اسپتالون پٺتي پيل علائقن جي عوام کي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن.صوبائي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته بهاولپور، جهنگ، اوڪاڙه، ملتان، مظفر ڳڙهه، فيصل آباد ۽ سرگوڌا ۾ فيلڊ اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو