لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروايون ڪندي 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروايون لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا، بهاولپور، بهاول نگر، سيالڪوٽ ۽ حافظ آباد ۾ ڪيون ويون.لاهور مان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.گرفتار دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، 2 دستي بم ۽ نقدي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن ۾ عبدالرحمان، عبدالوحيد، عظيم، سفيان، صديق، سجاد جٽ، عمران علي ۽ عمر فاروق شامل آهن.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگرد مختلف شهرن ۾ حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.










