پنجاب پاران سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ دوران گهارو، احتجاج

مريدشاخ (ن س) مريدشاخ ڀرسان گھوٽڪي فيڊر جي کاٻي پاسي ڳوٺ سعيدآباد وٽان ڪينسل ٿيل ٻوڙي مائينر مان معمول موجب پنجاب جي  يوسي ماڇڪو سان تعلق رکندڙ زميندارن ۽ مقرر بيلدارن جي ملي ڀڳت سان پاڻي لفٽ ذريعي چوري ڪرڻ دوران ٻوڙي مائينر ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو پئي ويو تہ ڳوٺ سعيدآباد وٽان غيرقانوني وھندڙ ٻوڙي مائينر کي اٺ فوٽ گھارو پئجي ويو. نتيجي ۾ ڪمند جو فصل ٻڏي ويو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي گهرن جون ڪچيون ڀتيون ڪري پيون. ڳوٺاڻن جي شڪايتن تي کنڀڙا پوليس پھتي تہ ملوث جوابدار ٽريڪٽر سميت فرار ٿي ويا.غيرقانوني ٻوڙي مائينر ۽ گھاري پوڻ جو سيڊا ڊائريڪٽر گھوٽڪي غلام ياسين قريشي نوٽس ورتو آھي ۽ معاملي ۾ حد جي داروغن ۽ بيلدارن کي ذميوار قرار ڏنو ۽ سندن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو