پنجاب حڪومت جو لاهور ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت لاهور ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ٽرانسپورٽ بابت صوبائي وزير بلال اڪبر پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت لاهور ۾ جلد ئي اليڪٽرڪ بسون شروع ڪري رهي آهي، نومبر، ڊسمبر ۾ 27 اليڪٽرڪ بسون روڊن تي هونديون. ان کان علاوه مختلف ضلعن ۾ ٻيون هائبرڊ بسون به هلايون وينديون.هن چيو ته مسافرن کي 200 کان وڌيڪ اسپيڊوز بسز جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. راولپنڊي جي عوام جو به اهو حق آهي اتي به 100 بسن جو تحفو ڏنو آهي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي اسان وڌيڪ بهتر ڪنداسين. مان پڇڻ چاهيان ٿو ته 10 لک ماڻهن کي سهولت ڏيندڙ نظام کي ڇو ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي؟ بلال اڪبر وڌيڪ چيو ته راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس هلائي اهو به شهباز شريف جو وڏو ڪارنامو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو