پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو

لاھور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گهرو کاتي 21 اپريل تي ٿيندڙ ضمني چونڊن کان اڳ 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي.گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پنجاب جي 10 شهرن ۾ ضمني چونڊن لاءِ قلم 144 18 اپريل کان 22 اپريل تائين 5 ڏينهن تائين لاڳو رهندو.نوٽيفڪيشن موجب لاهور، قصور، چکوال، گجرات، ڀکر، وزيرآباد، نارووال، شيخوپوره، رحيم يار خان ۽ ڊيره غازي خان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.ان دوران لائسنس يافته هٿيار کڻي وڃڻ تي به پابندي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو