پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جا گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.صدر آصف زرداري سردار سليم حيدر خان کي بطور پنجاب جو گورنر، فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه جو گورنر ۽ جعفر خان مندوخيل جي بطور بلوچستان جي گورنر طور منظوري ڏئي ڇڏي.آصف زرداري گورنرز جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 101 جي تحت ڏني. ٻئي طرف پيپلز پارٽي طرفان خيبرپختونخواهه جي نامزد ڪيل گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ 4 وڳي منعقد ٿيندي. تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مهمانن کي دعوتناما پڻ اماڻيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو