اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته غيرقانوني افغان پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو سيڪيورٽي جي خاطر ڪيو ويو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته غيرقانوني افغان پناهگيرن جي ملڪ واپسي جي فيصلي تي افغانستان جي عبوري حڪومت کي اعتماد ۾ ورتو ويو. غيرقانوني افغان پناهگيرن جي ملڪ واپسي جو فيصلو ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ معيشيت جي خاطر ڪيو ويو.هن چيو ته اها پاليسي صرف افغان شهرين جي لاءِ نه آهي پر سمورن ملڪن جي لاءِ آهي. پهرين نومبر کان غيرقانوني پناهگيرن کي ڊي پورٽ ڪيو ويندو. دوست ملڪن کان افغان شهرين کي پنهنجي ملڪ وٺي وڃڻ جي درخواست ڪئي آهي. گهرو وزارت جي ڪليئرنس ملڻ کان پوءِ انهن کي اماڻيو ويندو.ترجمان چيو ته فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. غزه جي محاصري سبب شهرين کي خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي غزه تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪريون ٿا. پاڪستان اهڙي فلسطيني رياست جو حامي آهي جنهن جي گادي جو شهر القدس شريف آهي. اميد آهي ته جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ جنگبندي تي اڳڀرائي ٿيندي. پاڪستان غير مشروط جنگ بندي چاهي ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته جمون، ڪشمير جو مسئلو به اڃان تائين حل طلب آهي. گڏيل قومن جي قراردادن موجب مسئلي جو حل ضروري آهي. والاريل ڪشمير جي عوام ڀارتي فورسز جو قبضو قبول نه ڪندي.ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي هٿيارن جي ايڪسپورٽ پروٽوڪول جي تحت ڪندو آهي. يوڪرين کي ڪوبه هٿيار نه ڏنو آهي. اسان کي خبر نه آهي ته يوڪرين ۾ پاڪستان جو ٺهيل ڪهڙو هٿيار استعمال ٿيو آهي.
