پل تعمير نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج،ٺهرائي ڏيڻ جومطالبو

پل تعمير نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج،ٺهرائي ڏيڻ جومطالبو

خيرپور ناٿن شاھ(ن سنڌيار)خيرپور ناٿن شاھ ڳوٺ لڌاڻ جي ڳوٺاڻن 15 ڳوٺن کي جوڙيندڙ ڀڳل پل ٻيهر تعمير نه ڪرڻ خلاف اسد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو تفصيل موجب. خيرپور ناٿن شاھ ڳوٺ لڌاڻ جي ڳوٺاڻن 15 ڳوٺن کي جوڙيندڙ ڀڳل پل ٻيهر تعمير نه ڪرڻ خلاف اسد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ هيو ته پندرهن ڳوٺن کي جوڙيندڙ پل ٽٽي پئي آھي جنھن سبب اسين سخت پريشان آھيون اسان جو اچڻ وڃڻ انتھائي ڏکيو ٿي پيو آھي جڏھن ته اسان پل تعمير ڪرڻ لاء مختلف وقتن تي احتجاج پڻ ڪيو آهي پر ھن مھل تائين ڪنھن به نوٽيس نه ورتو آھي پل جي تعمير ٿيڻ سان پندرهن ڳوٺن کي اچڻ وڃڻ ۾ سهولت ٿيندي جيستائين پل تعمير نه ڪئي ويندي اوسيتائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو