پلي بارگين جي بنياد تي بلڊر کي آزاد ڪرڻ جي درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت بلڊر حاجي آدم جوکيو کي نيب سان  پلي بارگين ڪرڻ جي بنياد تي آزاد ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي سندس جوڊيشل رمانڊ ۾ 24 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. 27 سال اڳ ڪراچي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي پلاٽنگ جي نالي تي عوام سان ساڍا 3 ارب رپين جو فراڊ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار مشهور بلڊر حاجي آدم جوکيو نيب سان  پلي بارگين ڪري  2 ارب واپس ڪرڻ جي  آڇ ڪئي آهي. نيب پاران داخل ڪيل درخواست سان گڏ متاثرن پاران متبادل پلاٽ قبول ڪرڻ بابت حلف ناما پڻ پيش ڪيا ويا پر ان باوجود عدالت چيو ته ان مدت دوران کين آيل تڪليف جو ازالو ڪير ڪندو؟ ايترو عرو رقم ڦٻائڻ تي کيس متاثرن کي رليف ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو