پشاور ۾ ڏوهن ۾ اضافو پريشان ڪندڙ آهي: بئريسٽر سيف

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف الله چيو آهي ته پشاور ۾ ڏوهن جي شرح ۾ اضافو پريشان ڪندڙ آهي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر سيف الله چيو ته پشاور ۾ پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ وڏن شهرن ۾ ڏوهن جا واقعا ٿين ٿا، 10 ڏوهه ٿين ٿا ۽ 10 گرفتار ٿين ٿا. بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسان کي فنڊ جاري ڪيا وڃن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سروي رپورٽ ۽ آزاد ادارن جي به اها ئي رپورٽ آهي ته ڪي پي پوليس جي ڪارڪردگي بهتر آهي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس سڄي ملڪ جي پوليس کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو