پشاور ۾ فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 اهلڪار شهيد

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر ۾ پشاور ۾ دهشتگردن جي خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ٽي ٽي پي جي شيڊو گورنر ڪمانڊر عبدالرحيم سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته آپريشن دوران 4 اهلڪار شهيد جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن.پشاور پوليس طرفان جاري ڪيل بيان موجب آپريشن پشاور جي ڏوراهين علائقي متني حسن خيل ۾ ڪيو ويو، دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ۾ دهشتگردي جي انت وارو کاتو(سي ٽي ڊي) ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حصو وٺي رهيا هئا.ذريعن موجب پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ صبح جو دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا جڏهن ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو شيڊو گورنر ڪمانڊر عبدالرحيم به ڪارروائي ۾ مارجي ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪمانڊر عبدالرحيم جا 2 ساٿي به آپريشن ۾ مارجي ويا آهن. صبح کان جاري آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. حسن خيل آپريشن پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي وڏي ڪاميابي آهي.شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز پوليس لائين ۾ ادا ڪئي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آپريشن ۾ 3 پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيا آهن جيڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو