پشاور ۾ فائرنگ، ٻه سک شهري مارجي ويا

پشاور ۾ فائرنگ، ٻه سک شهري مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور جي علائقي سربند ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 سک شهري مارجي ويا.پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان سکن جي قتل جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وڏي وزير محمود خان سک شهرين جي قتل واري واقعي کي شهر جو ماحول خراب ڪرڻ ۽ بين المذهبي هم آهنگي خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي متاثر خاندانن کي انصاف جو يقين ڏياريو. محمود خان چيو ته صوبائي حڪومت بين المذاهب هم آهنگي جهڙين ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو