پشاور ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شدت 4.7 رڪارڊ،شهرين ۾ خوف

پشاور ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شدت 4.7 رڪارڊ،شهرين ۾ خوف

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي گاديءَ واري هنڌ پشاور ۾ زلزلو محسوس ڪيو ويو آهي.زلزلي جي مرڪز موجب پشاور ۾ زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.7 رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جي مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هندوڪش جبلن جي قطار ۾ هو ۽ زلزلي جي کوٽائي 211 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي.زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪا به رپورٽ نه ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو