پشاور ويجهو ڌماڪو، 3 ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ) ورسک روڊ تي خانگي بئنڪ ۽ اسڪول ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پشاور ۾ ورسڪ روڊ تي هڪ خانگي بئنڪ ۽ اسڪول جي ويجهو روڊ ڪناري ڌماڪو ٿيو، زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب بئنڪ جي دريءَ جا شيشا ٽٽي پيا ۽ ويجهن دڪانن کي به نقصان پهتو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون ۽ سڪيورٽي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا، ريسڪيو اهلڪارن ٻارڙن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته سڪيورٽي اهلڪارن واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ معلوم ڪيو پيو وڃي ته ڌماڪيدار مادو ڪڏهن نصب ڪيو ويو ۽ ڪهڙي گاڏي ۾ آندو ويو.ڌماڪي جي نتيجي ۾ خانگي بئنڪ جو عملو مڪمل طور تي اجل جو شڪار ٿي ويو.ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب ورسي روڊ ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 3 ٻار به شامل آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمي ٻارڙن جي عمر 7 کان 10 سالن جي وچ ۾ آهي، جن مان 9 ورهين جي ٻارڙي جي حالت نازڪ آهي. ترجمان موجب زخمين ۾ احمد جان، احسان الله، جاويد خان، ظهير الله، سعد احمد ۽ يوسف خان شامل آهن. ايس پي ورڪرز ارشد خان ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌماڪو صبح 9 لڳي 10 منٽن تي ٿيو جنهن ۾ 4 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ڌماڪي جو نشانو ڪير هو.

پهنجو تبصرو موڪليو