پسند جي پرڻي سبب خطرو آهي، تحفظ ڏيو

پسند جي پرڻي سبب خطرو آهي، تحفظ ڏيو

ٺڪراٺو(رپورٽر) پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ ٺڪراٺي پريس ڪلب پهتو مائٽن ۽ پوليس مان جان کي خطرو آھي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سنگرار جي نوجوان محرم شباڻي  پنوعاقل جي ناري رابعه ملڪ سان سکر جي ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو  هو، ناري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجا والدين شادي ۾  راضي آھن پر منهنجي اڳوڻي مڙس جنهن مونکي طلاق ڏني هئي، ان جا مائٽ نواب خاصخيلي ۽ جيئل خاصخيلي  جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. سنگرار  پوليس به اسان جي مدد ڪرڻ بجاء با اثرن جي وانگارو بڻجي اسان کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهي آھي جنهن سبب اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. جوڙي ايس ايس پي سکر ڊي آءِ جي سکر سميت ٻين اعلي عملدارن کان گهر ڪئي ته اسان جي زندگين کي خطرو آھي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو