پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي، اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جو چوڻ آهي ته ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 530 ملين ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.مرڪزي بئنڪ موجب 21 جولاءِ تي ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 13 ارب 53 ڪروڙ ڊالر رهيا.اسٽيٽ بئنڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 540 ملين ڊالرن جي گهٽتائي سان 8 ارب 18 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا.ڪمرشل بئنڪن جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا هڪ ڪروڙ ڊالر وڌي 5 ارب 34 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو