اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پابندي مڙهيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي.اسلام آباد جي بينڪنگ ڪورٽ جي جج رخشنده شاهين پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عمران خان جي وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. بينڪنگ ڪورٽ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 10 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عمران خان خلاف ترنول ٿاڻي تي داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس جي عدالت ۾ عمران خان جو وڪيل پيش ٿيو، بابر اعواڻ اڄ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










